شادي پلي ماڳ

شادي پلي (ماڳ)3: هي ماڳ شادي پلي اسٽيشن کان هڪ ڪلوميٽر اولهه تي تعلقي پٿوري، ضلعي عمرڪوٽ ۾ آهي. هن وقت ماڳ هڪ دڙي جي صورت ۾ موجود آهي، جيڪو ڪنهن وقت چڱو خاصو شهر هوندو هو. هن ماڳ جي ڀر ۾ ڍوري جا نشان موجود آهن، جنهن جي ڪنڌيءَ تي هي ماڳ آباد هو. اهو ڍورو اولهه طرف ٿر ڏانهن وهندو هو. هن وقت به دڙو ڏهن ايڪڙن جي ايراضيءَ تي ڦهليل آهي. دڙي جو وڏو حصو قبرستان ۾ تبديل ٿي چڪو آهي. رهيل حصي تي ٺڪراٺو، درياهي سپين ۽ هڏن جا ٽڪرا ڪلر جي اثر ڪري سڃاڻپ جهڙا ته آهن، پر انهن بابت ڪا راءِ ڏئي نٿي سگهجي. دڙو زمين جي مٿاڇري کان 8 يا 10 فوٽ اوچو آهي. دڙي تي ڪجهه اڏاوتن جا نشان به آهن، جن مان هڪ ڀت ٻه ميٽر ويڪري ۽ 50 ميٽر ڊگهي ڪچين سرن ۽ گاري سان ٺهيل بيٺي آهي. هن ڀت جو رخ اوڀر کان اولهه طرف آهي. ڏکڻ طرف قلعي جي ڀت جا نشان آهن. انهيءَ جاءِ تي هڪ پڪ سرو ڪمرو ڊٺل حالت ۾ موجود آهي، جنهن ۾ استعمال ٿيل سرون 35x23x8 سينٽي ميٽر ۽ 30x15x6 سينٽي ميٽرن جون ماپيون ويون آهن. دڙي تي پهچڻ لاءِ ميرپورخاص- عمرڪوٽ روڊ سان اٽڪل 20، 22 ڪلوميٽرن ۾ (ميرپورخاص کان) روڊ تي شادي پلي موڙ وٽان اتر طرف اٽڪل 4 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي روڊ جي ڪناري سان آثار شروع ٿين ٿا. مڪاني پڙهيل ماڻهو هنن آثارن کي داسڙن جو تختگاهه سمجهن ٿا. داسڙن سان چنيسر سومري جو لاڳاپو به ظاهر ڪن ٿا ۽ پورا قصا بيان ڪن ٿا. مٿاڇري واريون وٿون ظاهر ڪن ٿيون ته هن ماڳ جو اوج ڪافي عرصي تائين قائم رهيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو